لومڙ

لومڙ

اڇي پڇ وارو لومڙ

اڇي پڇ وارو لومڙ:30 کان 35 انچ جسامت واري هن صحرائي لومڙ جو پڇ فٽ کان ڏيڍ فٽ جو هوندو آهي، اهو آسٽريليا، ايشيا، يورپ ۽ اتر آمريڪا جي صحرائن، ٻيلن ۽ جبلن ۾ جتي ڪٿي ٿئي ٿو. سنڌ جي خشڪ ۽ وارياسن علائقن ۾ پڻ ملي ٿو. ان جي پٺي ۽ پڇ جو رنگ ڳاڙهو سرمائي يا ڳاڙهي کان سرمائي تائين هوندو آهي. پڇ ٿلهو بُجدار ٿئيس ٿو، جنهن جي چوٽي اڇي هوندي آهي.
صحرائي لومڙ جوڙيءَ ۾ ۽ چرون ٺاهي رهي ٿو. رات جو نڪرندو آهي، جيت، نانگ ۽ ڪوئا سندس خاص شڪار آهن، اڪثر پکي ۽ سها به ماري کائيندو آهي. رات ۽ ڏينهن شڪار جي کوج ۾ رهي ٿو، ڪي ميوا به کايو وڃي، مادي پيٽ ۾ 50-55 ڏينهن ٻچو رکي ٿي ۽ ھڪ وقت ۾ ٽن کان ٻارهن ٻچا ڏئي ٿي.لومڙ شڪار جو پيڇو ڪري ان کي ٿڪائي ٿڪائي ماريندو آهي ۽ پوءِ ان کي وات ۾ کڻي ڪنهن محفوظ جاءِ تي ويهي کائيندو آهي. بچيل گوشت لڪائي دٻائي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ ياداشت جي سهاري ڳولي ڪڍي کائيندو آهي، ھي لومڙ سڄي دنيا ۾ خاص ڪري ٿڌن ملڪن ۾ پنهنجي نرم پشم سبب گهڻو شڪار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو